لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي لنڊن ۾ ??ري??نڪا جي يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي وزير روشن رانا سنگا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي گڏيل موقعن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن راند??ن ۽ تعليم جي شعبن ۾ خصوصي طور تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوجوانن جي معاملن ۾ اڳ ۾ ئ?? تعاون جاري آهي جنهن کي وڌ??ڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو.