اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بي گهر ۽ بزرگ ماڻهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ زندگي جون ضرورتون پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته سرنديءَ وارن، فلاحي ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي بزرگ ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن ??هڙن خيالن جو اظهار اولڊ ايج هوم عافيت ملتان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??يوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اسلام بزرگن جي احترام ۽ انهن ??و خيال رکڻ کي خاص اهميت ڏي ٿو، ان ڏس ۾ والدين اسلامي تعليم موجب اولاد جي سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪن. هن چيو ته والدين جا حق پورا ڪرڻ اولاد جي اولين ذميوارين مان آهي، بزرگ ماڻهن جي لاءِ قانوني ۽ معاشرتي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته معاشري ۾ لاچار ماڻهن ۽ بزرگن جي ڀلائي لاءِ حڪومتي ادارن، غي??سرڪاري تنظيمن، سول سوسائٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر بزرگ ماڻهن ??و خيال رکڻ تي تاري ز??ين پر ٽرسٽ ۽ عافيت جي ڪردار کي ساراهيو. بعد ۾ صدر بزرگ ماڻهن جي لاءِ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو.