اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوص?? ماڻهن ک?? مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوص?? ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ک?? مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوص?? ماڻهن جي نوڪري جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوص?? ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪ??ل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوص?? ماڻهن ج?? مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوص?? ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوص?? ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوص?? ماڻهن جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.