ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سا?? ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سا?? پاڪستان سا?? سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ت?? هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جاپان ۾ پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان لاڳاپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ منهنجي ان جي ڪجهه نمائندن سا?? ملاقات ٿي ۽ جاپان سا?? پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جاپان جي پنهنجي دو??ي دو??ان مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سا?? پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرمند افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريش?? ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپا?? ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سا?? پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.