اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مس??مان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مس??مان وچن ڪري ٿو ته الله ??عاليٰ جي زات جي حڪمن جي بجاآوري جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گ??رج?? ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مس??مان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري مس??مان امت کي باسعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.