بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀا??ت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده بريفنگ دوران چيو ته چين تڪراري علائقن ۾ گروپ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سخ??ي سان مخالفت ڪري ۽ ??و اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. يا?? رهي ته ڀا??تي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀا??تي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گروپ 20 اجلاس منعقد ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گروپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.