اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي ??اء?? روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پاڪستان – ايران سرحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ??اء?? بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان سر??د ??ي ٻنهي طرفن ر??ائ??_جوا/117385.html">?ند?? ماڻهن جي ??اء?? روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي ??اء?? کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن ??ائ??ن جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن ??ائ??ن وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن ??ائ??ن جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.