اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف پرتشدد واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته ڀارت جي 8 رياستن ۾ رام نومي جي موقعي تي مسلم مخالف تشدد جا واقعا ٿيا ڇو ته انتهاپسند تنظيمن تهوار ملهائڻ جي لاءِ عوامي ريليون ڪڍيون، ڪيترين ئي مسجدن ۽ مسلمانن جي ملڪيتي عمارتن تي حملا ڪيا ويا، بيهار رياست جي ضلعي نالنده ۾ هڪ مدرسي کي ساڙيو ويو ??نهن جي نتيجي ۾ قرآن پاڪ سميت اٽڪل 4500 ڪتاب سڙي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف اسلامو فوبڪ ۽ نفرت انگيز ڪاررواين ۾ خوفناڪ اضافو اڪثريتي هندوتوا جي ايجنڊا جي پيروي ۽ ڀارتي سياست ۾ اسلام ۽ مسلم مخالف مهم جو نتيجو آهي. هن چيو ??ه اسان او آءِ سي جي ان ??يا?? جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ ڀارت ۾ وڌندڙ مسلم مخالف واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ??هي ۽ ڀارت تي زور ڏنو ويو ??هي ته هو مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت کي هوا ڏيندڙ انتهاپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ترجمان چيو ??ه ڀارتي حڪومت کي ملڪ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ، مسلمانن کي پنهنجي عقيدي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل قدم کڻڻ گهرجن. ترجمان انهن ڪشميري اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي تحفظ تي پنهنجي گهري خدشن کي ورجايو ??يڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ميري لالر جي والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت ??يا?? جي آجيان ڪئي جنهن جي توثيق پرامن ميڙ جي آزادي ۽ انجمن بابت خصوصي رپوتازڪيلمنٽ نائيلٽسي ويليو ڪئي آهي. ان ??يا?? ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سول سوسائٽي تي مسلسل ڏاڍ جي اجاگر ڪيو ويو ??هي. هن ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح والاريل علائقي ۾ غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ جو اطلاق سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ انساني حقن جي محافظن کي بدنام ڪرڻ ۽ خاموش ڪرائڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ختم ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان ??يا?? جي تائيد ڪندي چيو ??ه انساني حقن جي ذميوارين جي خلاف ورزين تي ڀارت کي جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ اظهار راءِ ۽ ميڙ جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.