اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪر?? جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه غيرملڪي يونيورسٽين ??ان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي، بيمارين جي علاج ??ان گڏوگڏ روڪٿام تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان ??ان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي 5 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالق، سينيٽ ۽ فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته ملڪ ۾ طبي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪر?? جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائ?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته طبي ادارن کي ملڪي صحت جون ضرورتون پوريون ڪر?? جي لاءِ وڌيڪ نرسنگ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ??ه غيرملڪي ڪورسز ۽ تعليمي مواد تائين پهچ جي لاءِ غيرملڪي يونيورسٽين ??ان حصيداري کي فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي، غيرملڪي يونيورسٽين ??ان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي. صدر بيمارين جي علاج ??ان گڏوگڏ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيمارين کان بچاءُ علاج جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آ??ان ۽ سستو آهي، بيمارين کان بچڻ ??ان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مثالي ادارو هجڻ گهرجي، طبي ادارا پنهنجي گريجوئيٽس ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران طبي تعليم جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ نرسن جو انگ وڌائ?? جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي توثيق پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر راڻا عمران سڪندر ۽ پ??وفيسر ڊاڪٽر موسيٰ خان جي بطور سينڊيڪٽ ميمبر مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.