ڪراچي – 08 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر شعبي ۾ ع??رت?? جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي چيئرمين ع??رت?? جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پيشيواراڻي سيڪٽرز سان گڏوگڏ سياست ۽ اعليٰ پاليسي ساز ادارن تائين هر شعبي ۾ عروتن جي شموليت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته ۽ خوداعتماد ع??رت??ن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي ع??رت?? جي قدر ۽ اهميت جي حوالي سان منفرد تاريخ رکي ٿي ته هن پاڪستاني ع??رت?? کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم سان گڏوگڏ پهريون عورت اس??يڪر، ڊپٽي اس??يڪر ۽ پرڏيهي وزير جهڙا اعزاز حاصل ڪرڻ جو بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مختصر ??ڪومت جي دورن جي دوران ع??رت?? کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا، فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اس??يشنز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سهيد چيئرپرسن جي مشن کي اڳتي وڌائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل جي سطح تي ڪاروبار جي لاءِ ع??رت?? کي بنا وياج قرضن جي فراهمي، بي زمين عورت آبادگارن کي زرعي زمين جا مالڪاڻا حق ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ع??رت?? کي رهائشي پلاٽن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ جهڙا ڪامياب پروگرامز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته ع??رت?? بابت ڪميشن جو قيام، اينٽي وومين پريڪٽس ايڪٽ، اينٽي ايسڊ ڪرائيمز جو قانون، پروٽيڪشن آف وومين ايٽ ورڪ پليس، چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ ايڪٽ، سنڌ ميٽرنٽي بينيفيٽس ايڪٽ، سنڌ ايگريڪلچر وومين ورڪرز ايڪٽ، سنڌ ??وم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ، سنڌ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ نيوٽريشن ايڪٽ، سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ گهٽ عمر ڇوڪرين جي شادي جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتن جو شيوو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جيڪا حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ ع??رت?? جي حقن جي حوالي سان ڪڏهن ذريعي برابر به مصلحت جو شڪار نه ٿي. هن چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستاني ع??رت?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ برابري حاصل هجي ۽ اسان ان خواب کي پورو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.