اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ??اڻ??ن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذوري جي درج??بن??ي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي جنهن سان خصوصي ??اڻ??ن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذوري جي درج??بن??ي ۽ شدت بابت اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، صحت واري وزارت، خصوصي ??اڻ??ن جي حقن بابت ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ??اڻ??ن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ??اڻ??ن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت ۽ انهن جي هنر موجب مناسب نوڪرين طرف رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ??اڻ??ن جي رهنمائي جي لاءِ اعليٰ سطح تي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ڪميٽي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. مجوزه ڪميٽي رهنمائي سان گڏوگڏ خصوصي ??اڻ??ن کي انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت موجب نوڪرين بابت پڻ ٻڌائي. صدر معذوري جي درج??بن??ي جي هڪ معياري ۽ مستقل نظام جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته معذوري جي درج??بن??ي جي نظام سان خصوصي ??اڻ??ن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته معذوري جي درج??بن??ي جو نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار معذوري جي درج??بن??ي/ معذوري جي شدت جي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته خصوصي ??اڻ??ن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ هر مهيني ٻه اجلاس ڪري ٿو، هڪ ڏينهن ۾ اهل ??اڻ??و کي معذوري سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معذوري جي شدت جي بنياد تي معذوري جي حد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي، فريم ورڪ کي انساني حقن واري وزارت صحت واري وزارت ۽ خصوصي ??اڻ??ن جي حقن واري ڪائونسل سان گڏجي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. منظور ٿيل فريم ورڪ کي رهنمائي جي لاءِ صوبن سان پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. صدر انساني حقن واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت پاران خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي جي لاءِ ڪيل ??م کي ساراهيو.