اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شه??از شريف جي صدارت ۾ هائي پاورڊ سليڪشن بورڊ جي 27 هين اجلاس ۾ انفارميشن گ??وپ جي آفيسر شاهيره شاهد کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب هائي پاورڊ سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 10، پوسٽل گروپ جي 2 ۽ انفارميشن گ??وپ جي هڪ آفيسر کي گريڊ 21 م??ن 22 ۾ ترقي ڏني وئي. واضح رهي ته شاهيره شاهد اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.