انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ??ئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه ۾ ??هي?? صدارتي محل پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ني??نل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو ??هي??ن. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي جذبي تحت اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. صدر اردوان سان ملاقات ??انپوءِ وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏکڻ ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوام جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويعامات_کے_ساتھ_کھیلیں/117965.html">و آ??ي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيعامات_کے_ساتھ_کھیلیں/117965.html">و آ??ي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.