اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي اسلام آباد جي ??ور?? شهري جي گهر جو قبضو ڇڏ??ائ?? جي حوالي سان هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي متاثر ??ور?? کي گهر جي ملڪيت واپس ڏيارڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر ??ور??ن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ايڪٽ تحت مقامي ڪمشنر جي ذريعي متاثر ??ور?? شهري جي قيمتي ملڪيت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان حوالي سان پنهنجي فيصلي ۾ صدر هدايت ڪئي آهي ته ملڪيت تي غيرقانوني قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته تالا ٽوڙيا وڃن. هن چيو ته ملڪيت واپس وٺڻ جي راهه ۾ ايندڙ ٻين رڪاوٽن کي ختم ڪري حقدار کي ملڪيت واپس ڏياري وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عاليه فضل (شڪايت ڪندڙ) کي ملڪيت جي حق کي بحال ڪرڻ يا ان جو قبضو ڏيڻ جي لاءِ هڪ مقامي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ مقامي ڪمشنرضرورت پوڻ تي پوليس جي مدد وٺي سگهي ٿو. مقامي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گهرجي ته هو مقامي ڪمشنر کي مڪمل مدد فراهم ڪري ۽ مقامي پوليس لاڳاپيل وقت تي ڪمشنر سان گڏ موجود رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار جي بي بنيا?? موقف کي رد ڪندي قرار ڏنو ته جوابدار تڪراري گهر جي ملڪيت پنهنجي حق ۾ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به پيش نه ڪيو، اهڙي طرح محتسب جي حڪمن جي خلاف نمائندگي آڻڻ جو ڪو جواز نه آهي. واضح رهي ته ??ور?? شهري عاليه فضل جي والد بحريه ٽائون اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر جا معاملا هلائڻ جي لاءِ کيس اٽارني مقرر ڪيو هو، گهر 2007ع کان 2016ع تائين مختلف ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ خالي پيل رهيو. شڪايت ڪندڙ جي ڀاءُ 2020ع ۾ گهر جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن غيرقانوني طور تي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. قبضي جو اطلاع بحريه ٽائون ۽ مقامي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جوابدار کي طلب ڪيو جنهن گهر خالي ڪرڻ جي ضمانت ڏني. جوابدار عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته گهر 2008ع ۾ هڪ معاهدي جي بنياد تي خريد ڪيو ويو هو ۽ هڪ جعلي معاهدو پڻ پيش ڪيو. شڪايت ڪندڙ گهر تي قبضو ڇڏ??ائ?? جي لاءِ هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب سان رابطو ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوابدار صدر کي محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني جنهن کي بي بنياد هجڻ تي رد ڪيو ويو.