??سل??م آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 8 ڀيرا عالمي چيمپيئن ۽ 6 ڀيرا برٽش اوپن چيمپئن جو ??عز??ز حاصل ڪندڙ جان شير خ??ن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته توهان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي، ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪوائش جي ناليواري ران??يگ?? ۽ اڳو??ي عالمي چيميئن جان سير خ??ن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جان شير خ??ن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان ۽ توهان جي خاندان پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڪوائش سميت سمورين راندين جي فروغ جي لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳو??ي عالمي چيمپيئن جان شير خ??ن وزيراعظم کي اسڪوائش جي فروغ لاءِ پنهنجي تازين سرگرمين بابت آگاهه ڪيو جن کي وزيراعظم ساراهيو. جان شير خ??ن هن وقت اسڪوائش جي نوجوان ران??يگ??ن کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.