ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آ??ي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير مل?? ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ?? بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ?? فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آ??ي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آ??ي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.