اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف شهيد نويد صادق جي لاءِ هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس جي لاءِ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم آءِ ايس آءِ جي شهيد ڊائريڪٽر نويد صادق جي گ??ر وڃي شهيد جي گ??رواريءَ، پٽ ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم نويد صادق جي گ??رڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف شهيد نويد صادق کي هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس کي ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نويد صادق شهيد ۽ ناصر عباس شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي، اسان جي شهيدن ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن. وز??راعظم شهيدن کي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو ته نويد صادق دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون.