اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خا?? سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوشش?? سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبر?? سان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبر?? سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبر??ن، تجزيا ۽ پاڪستان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان قومي، علائقائي خبر??ن، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبر?? سان گڏوگڏ راندين جي مي??ان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.