اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي طنز ڪن??ي کيس ”بي شرمي جو مجسمو“ قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير عمران خان جي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ عمران خان دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ”شهباز شريف برطانيا ۾ ڊيلي ميل تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ سنگين قانوني مشڪلاتن ۾ آهي، ڊيلي ميل ۾ شهباز شريف تي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير ڊيلي ميل پاران وزيراعظم شهباز شريف کان معافي وٺڻ ??انپوءِ عمران خان جي ان وڊيو بيانن تي فنز ڪن??ي چيو ته ”بي شرمي جو جو نالو؟“.