اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد ش??باز شريف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه ??ال??ر جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي توهان جهڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي. وزير??عظ?? چيو ته پورو يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ توهان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون توهان کي ميسر هوندو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا.