اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ مارشل لاء لڳرائڻ چاهي ٿو، هو کلي عام پاڪ فوج کي حڪومت خت?? ڪرڻ ۽ سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي ره??و آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيا?? تي ردعمل ۾ هن چيو ته هڪ طرف ادب، ٻئي طرف گار، دماغ جي خرابي ۽ فرسٽريشن آهي، ٻه هزار ماڻهو 22 ڪروڙ عوام ناهن هوندا. هن چيو ته عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ بلڊ شيڊ سان انقلاب آڻڻ چاهي ٿو. هن سوال ڪيو ته بندوق سان انقلاب آڻڻ جو ماسٽر مائنڊ ڪنهن کي ڌمڪيون ڏئي ره??و آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ف??ڊيڊ فتني ۽ توشه خانه چور جي مقدر ۾ ذلت ۽ رسوائي لکجي چڪي آهي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو هو ته اسان غيرضروري سچ نه ٿا ڳالهائڻ چاهيون، ذلت هاڻي رڳو فارن ف??ڊيڊ فتني جي ٿيندي جنهن آرمي چيف کي پنهنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ تاحيات توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته ڪنهن جي چوڻ تي فارن ف??ڊيڊ فتني پوري پاڪستان کي چور بڻائي ڇڏيو؟ هن چيو ته فارن ف??ڊيڊ فتنو تمام گهڻو بزدل شخص آهي جيڪو رڳو ڀڀڪيون هڻي ره??و آهي. آهي.