اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون ت??ظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون ت??ظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ت??جيحن ت?? غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن ت?? غور ڪيو ويندو جڏهن ت?? اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پ?? منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون ت??ظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون ت??ظيم جا ميمبر ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون ت??ظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون ت??ظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.