اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مث??لي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مث??لي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي د??يا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نهايت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنر?? پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تب??هيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهي. د??يا کي موسمياتي تب??يلي جي حو??لي سان سندس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.