اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ??يم??س قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ??يم??ن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ??يم??ون ڪم ش??وع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو في??وز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ??يم?? لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ??يم??ن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.