ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪ??رروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امدادي ڪ??رروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪ??پٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ??رهايون ??يون ??ڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آ??ِ خان ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ ک??لي ڇڏيو آهي.