اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فض??ئيه جي ايمرجنسي ريپانس ٽيمون وادي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري ??هيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واقعي پي ??ي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معائنو ڪيو ۽ پي ??ي ايف ٽيمن طرفان فراهم ڪيل امدادي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ فض??ئيه جي ترجمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فض??ئيه جي ٽيمن متاثر خاندانن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا، 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ بنيادي کاڌي پيتي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پاڪ فض??ئيه ج?? ميڊيڪل ٽيمن فيل?? ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري ??هي.