اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ محمد يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ تي ??ملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏيل قومن تي ??ور ڏنو آ??ي ته هو ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي ??وابده بڻائي. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀارت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ??رز?? آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ چيو ته ڀارت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آ??ي، هو نه رڳو ڀارت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سلامتي ??ي لاءِ به سيڪيورٽي خطرو آ??ي. هن چيو ته ڀارت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام نه ??رڻ تي ڀارت جي مذمت ناڪافي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارتي ??ڪمرانن پاران کنيل قدمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڀارت جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ قتلام ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آ??ي. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏيل قومن جي ذريعي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.