اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڀائر ملڪ پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو ا??ار?? ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ترڪ سفير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ ربن ڪاٽي اي پي پي اردو سروس جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جنهن جي لاءِ ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري ا??ار?? (تيڪا) معاونت فراهم ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي جا اعليٰ آفيسر پڻ ان مو??ع?? تي موجود هئا. ترڪ سفير چيو ته ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري ا??ار?? (تيڪا) جي تعاون سان قومي خابرو ا??ار?? ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ميڊيا انتهائي اهميت رکندڙ شعبو آهي، ٻنهي ملڪن جو ميديا سميت مختلف شعبن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون ۽ حصي??ار?? جاري آهي. سڄي دنيا ۾ ميڊيا نئين رجحانن ۽ ٽيڪنالاجيز کان روشناس ٿي رهي آهي ۽ هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو اي پي پي کي جديد رخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اميد آهي ته ان سان اي پي پي کي فائدو ٿيندو. هن اي پي پي انتظاميا ۽ تيڪا جا پڻ ٿورا مڃيا. ان مو??ع?? تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ترڪ سفير کي قومي خابرو ا??ار?? جي معاملن بابت آگاهه ڪيو ۽ اردو سروس جي رنگ روغن ۽ ان کي پيشيواراڻي جديد اوزارن جي فراهم?? تي ان جا ٿورا مڃيا. اختر منير چيو ته تيڪا پاران فراهم ڪيل تعاون سان اردو سروس کي پنهنجي نيوز آپريشن ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي خوش اسلوبي س??ن سرانجام ڏيڻ ۾ معاونت سان گڏوگڏ ڪم ڪار جو بهتر ماحول مليو آهي. هائي ٽيڪ ورڪ اسٽيشنز، لوڪل ايريا نيٽ ورڪنگ، جديد سرور ۽ ٻئي س??ز و سامان جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري س??ن ا??ار?? کي موجوده دور جي ميڊيا سان وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. تيڪا جي ڪنٽري ڪوآرڊينيٽر محسن بالجي ان تعاون کي ترڪ عوام پاران هڪ تحفو قرار ڏيندي چيو ته ان سان پاڪ ترڪ ڀائراڻن رشتن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ان کان اڳ اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوز محمد حنيف صابر، ڊائريڪٽر اي پي پي اردو سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر ڊيجيٽل نيوز شفيق احمد قريشي، ڊائريڪٽر آءِ ٽي غواث خان، ڊائريڪٽر ايڊمن عدنان گهمن ۽ ٻين سينيئر آفيسرن وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ترڪ سفير ۽ تيڪا جي عمل??ار?? جو شاندار استقبال ڪيو.