اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ ختم ڪيا ويا آهن، اظه??ر راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيڪا 2016ع تي نظرثاني ڪئي ويندي، رائيٽ آف انفارميشن ايڪٽ 2018ع کي پوري قوت سان لاڳو ڪيو ويندو، جرنلسٽ سيفٽي اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تي جلد کان جلد عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، اتحادي پارٽيون گڏجي سمورن مسئلن جو حل ڳولينديون، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي آندي ويندي، ميديا سان لاڳاپيل سمورن مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪيو ويندو، اڳوڻي حڪومت اظه??ر راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائي جڏهن ته موجوده دور ۾ اهڙي طرح جو ڪجهه نه ٿيندو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي نشانو بڻايو ويو، ٽي وي پروگرامز به بند ڪرايا ويا، ميڊيا حڪومت جي احتساب جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا تنقيد ضرور ڪري پر اها تنقيد براءِ تنقيد نه هجڻ گهرجي، تنقيد براءِ اصلاح جي آجيان ڪنداسين، انتقام جي سياست تي يقين نه ٿا رکون، ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، انتقامي سياست جو ڪو حربو استعمال نه ڪيو ويندو جڏهن ته قانون پنهنجو رستو ضرور ٺاهيندو، حڪومتي ناڪامين جو ملبو صحافين تي نه ٿو وجهي سگهجي، اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري تي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مريم اورنگزيب ??يو ته پي آءِ ڊي جي پليٽ فارم تان انهن جي چئن سالن کانپوءِ ميڊيا سان ملاقات ٿي ر??ي آهي. هن ??يو ته منهنجي پارٽي مون تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مون کي اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري ڏني ان تي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. هن ??يو ته حڪومتي ر??استي پاليسي ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، گذريل چار سالن دوران ميڊيا سينسرشپ ۽ اظه??ر راءِ جي آزادي تي پابندي کي منهن ڏنو، ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، ميڊيا انڊسٽري تي اظه??ر راءِ جي پابندي، سينسرسپ ۽ ميڊيا ورڪرز سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ٻارڙين کي اسڪولن مان اغوا جا واقعا ٿيا، سينيئر صحافين ابصار عالم، مطيع الله جان، حامد مير ۽ اسد طور تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين جا ٽي وي چينلز تي پروگرام بند ڪرايا ويا، آئون اهڙن سمورن صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿي. هن ??يو ته اطلاعات واري وزارت صحافين جي حقن جو تحفظ ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته معاشري جي اندر اظه??ر راءِ جي آزادي ر??ندي ته حڪومت کي سگهه ملندي، ميديا حڪومتن جي احتساب جي عمل کي ممڪن بڻائي ٿي، ان سان حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن ??يو ته اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ??يو ته اسان ان قانون جي خلاف تمام گهڻو احتجاج ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۾ اظه??ر راءِ جي آزادي هر شخص جو بنيادي حق آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪنداسين، فيڪ نيوز تي به ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. هن ??يو ته پيمرا جي هوندي ڪنهن ميڊيا اٿارٽي جي ضرورت نه آهي، ميڊيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي گڏجي حل ڪيو ويندو. هن ??يو ته اڳوڻي دور ۾ پيڪا لاء آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اهو به رد ٿي چڪو آهي. هن ??يو ته اسان پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان گڏجي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي. هن ??يو ته گذريل حڪومت پيڪا قانون جو غلط استعمال ڪندي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪيو، ان تي تشدد ڪيو ويو. هن ??يو ته هن قانون ۾ بهتري جي لاءِ اسان گڏجي ويهي ڳالهه ڪنداسين. هن ??يو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان جي عوام ڌوئنس ڌمڪين، غنڊه گردي ۽ بدمعاشڊي ڏٺي، اسان گذريل چار سال معاشري جي اندر گهُٽن ڏٺي آهي، پارليامينٽ جا دروازا بند ڪري آرڊيننس جي ذريعي قانون سازي ڪئي وئي، ميڊيا جي زبان بندي ڪئي وئي. هن ??يو ته موجوده دور نئين دور جي شروعات آهي، انتشار، گارين ۽ ڌوئنس ڌمڪيون بند ٿيڻ گهرجن، ڌوئنس ڌمڪين جي سياست نه هلندي. هن ??يو ته اسان سڀني کي گڏجي معاشري کي افراتفري جهڙي صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، اهو اسان جو اولين فرض آهي. هن ??يو ته ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، اسان ڪنهن سياسي مخالف جي خلاف بدبودار احتساب جي روايت نه وجهنداسين، جن ماڻهن پاڪستان جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، انهن جي لاءِ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هن ??يو ته رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ اسان جي گذريل دور ۾ منظور ٿيو هو، ان کي ڀرپور طريقي سان لاڳو ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب ??يو ته جنهن وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت پاناما ليڪس جي حوالي سان ٽاڪ شوز ٿيندا هئا، پيمرا ڪنهن کي هڪ به نوٽيس جاري نه ڪيو هو، 10 سال شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهيو، ميڊيا تي ڪا پابندي نه لڳائي وئي. هن ??يو ته اها تنقيد جيڪا اسان جي رهنمائي جي لاءِ هجي، اسان ميڊيا جي رهنمائي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سوشل ميڊيا تي ادارن جي خلاف مهم تي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي، ادارن ۽ سينيئر صحافين جي خلاف سوشل ميديا تي مهم کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن ??يو ته وزيراعظم آءِ جي صاحب کي هدايت ڪئي آهي ته صحافين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب ??يو ته جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غلط ڪم ڪيو آهي، و قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته پاڪستان جي عوام ڏسي ر??ي آهي ته پنجاب ۾ آئيني عهدي جو ڪهڙي طرح سياسي استعمال ڪيو پيو وڃي، پنجاب جي گورنر ۾ حوصلو ئي نه آهي ته هو حمزه شهباز شريف کان حلف وٺي سگهي، پنجاب جي گورنر کي آئيني طريقي سان عهدي تان هٽايو ويو. مريم اورنگزيب ??يو ته صدر پاڪستان وساري چڪو آهي ته هو تحريڪ انصاف جو صدر نه آهي پر پاڪستان جو صدر آهي، صدر پاڪستان پنهنجي حلف جي پاسداري نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اڳوڻي دور ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي حوالي سان سوال تي هن ??يو ته اختيارن جي ناجائز استعمال، عيرقانوني مقررين ۽ منصوبن تي ايڪشن ورتو ويندو، اڳوڻي دور ۾ قائم ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کي ختم ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي ذريعي ادارن، صحافين ۽ اپوزيشن جي خلاف وٽ ٽوئيٽس ڪيا ويندا هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ سائبر ونگ موجود آهي جيڪو قانون موجب ڪم ڪري ر??يو آهي، اڳوڻي حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته هتان ماڻهو ڀچي ويا، هڪ ٻه ماڻهو جيڪي ر??گيولر هئا، اهي سائبر ونگ ۾ واپس هليا ويا آهن. هڪ سوال تي هن ??يو ته چونڊون پاڪستان جي عوام جو جمهوري حق ۽ جمهوريت جي روح آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو نتيجو پاڪستان جي عوام کي ڀوڳڻو پيو. هن ??يو ته هن وقت حڪومت ۾ جيڪي اتحادي پارٽيون شامل آهن، ملڪ جي لاءِ انهن جون اڻٿڪ خدمتون آهن، پاڪستان جي عوام چار سال جنهن عذاب مان گذري آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن کي ر??ليف فراهم ڪيو وڃي. هن ??يو ته چار سال ناڪام رهندڙن سدائين ڪوڙ ڳالهايو، بدبودار احتساب ۽ انتقام ورتو، اڄ اهي سازش جي ڳالهه ان لاءِ ڪري ر??يا آهن ته عوام انهن کان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو سوال نه ڪري. هن ??يو ته پاڪستان جي عوام سوال به ڪندي ۽ انهن کي جواب به ڏيڻو پوندو.