اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر ??يا?? صادق جو اڀي نندن جي حوالي سان ??يان، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدالتي مفرور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلوچستان ۾ آزاد بلوچستان ??و نعرو آئين جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن ??يا?? صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شين تي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، ??يا?? صادق جي بيان ??ي ڀارت ۾ مٺايون ورهايون پيون وڃن، ن ليگ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ??ي سياست ذات بدران ملڪي مفادن جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان ??ميت ڪنه?? به اڳوان ??زاد بلوچستان ??ي نعري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ??ابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ئي دشمن جي بياني کي فروغ ڏيڻ آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشمن جي بياني کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران ??ان ??نهن کي ڪنه?? به صورت ۾ محفوظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.