اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ ??مورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ان??ن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جن?? جي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي ان??ن کي غيرحقي??ت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ان??ن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ ??فغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.