اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ڪول واپسي تي لکين ٻارن کي ڀليڪار چئون ٿا، ٻارن جو حفاظت سان اسڪول وڃڻ کي يقيني بڻائڻ اسان جي ترجيح ۽ گڏيل ذميداري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀاڻي اڱاري کان اسڪول واپسي تي اسان لکين ٻارن کي ڀليڪار چونداسين، وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو يقيني بڻائڻ هر ٻار علم کي حاصل ڪرڻ لاءِ با??فاظت اسڪول وڃي سگهي، اسان جي ترجيح ۽ گڏيل ذميداري آهي، وزيراعظم چيو ته ا??ان اسڪولن ۾ تدريسي سرگرمين کي ڪووڊ 19 جي حوالي سان صحت جي قائدن س??ن هم آهنگ بڻائڻ جو خاص طور تي اهتمام ڪيو آهي.