اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنال??جي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنال??جي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنال??جي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌ??يو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنال??جي جي منصوبن بابت پرعز?? آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنال??جي جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.