اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي روڪيو ويو آهي، خطرو اڃان موجود آهي جنهن ??ي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم جو تعاون گهربل آهي، محرم الحرام ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سا?? مڪمل تعاون ڪندي، اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي جي حوالي سا?? صوبائي حڪومتون اسڪولن جي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سا?? سمورن ا??تظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار ڪووڊ -19 بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.