اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ڪورنا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورت??ال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا س??ن گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورت??ال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري ??ير تائين رهندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري ??هيا آهن.