اسلام آب??د – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يا?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ لاڪ ڊائون سان واڳيل حقيقتن طرف نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري جو احساس ڏياري رهيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته اهڙا قدم کڻون جنهن سان معاشي ??ندگي رڪجي وڃي ڇو ته ان سان ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظم عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، عوام به ذميواري جو مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته روزاني جا معاملا هلڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن جا معمول جا ڪم متاثر نه ٿين.