لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهذب معاشرن ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق ناهي هوندو، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ اسان جو مشن آهي، ملڪي معاشي حالت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، هاڻي ا??تصادي واڌاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود معاشري جي ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ لاءِ احساس جي نال?? سان ٺوس پروگرام شروع ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب حڪومت ۽ نجي ڪمرشل بئنڪن جي وچ ۾ آبادگارن کي زرعي قرضن جي 3 ڏينهن جي ا??در فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو.