اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وا??ي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس ا?? پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پي?? وڃن، هاٽ اسپاٽ وا??ن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن ش??رن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن ش??رن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.