نيويارڪ – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي جي شرطن بابت ڪو ابهام نه آهي، اسان گڏيل ڳالهين وارو حل ڳولڻ جي لاءِ عالمي بئنڪ سان ??صروف عمل رهڻ جا خواهشمند آهيون. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي سي اي او ڪرسٽا لينا جارجيوا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ساڻ?? ملاقات ڪئي. سي اي او پاڪستان سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي استحڪام ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيو.