اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحت ڪارڊ ۽ وزيراعظم هائوسنگ ??سڪيم سميت ملڪي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪيترائي من??وبا شروع ڪيا آهن، ڪ??مي??ب جوان پروگرام تحت نوجوان ننڍي پئماني تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ وڏي تعداد ۾ خاندانن کي هيلٿ ڪارڊز جي ذريعي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي وڃي ان کانسواءِ وزيراعظم هائوسنگ ??سڪيم تحت عوام کي ??هر جهڙي بنيادي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي.