اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهرن ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي ته ج??ئن ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته روز مره جا معاملا متاثر ٿيندا، اسان آڪسيجن جي استعمال جي 90 سيڪڙو صلاحيت تي پهچي ويا آهن، لاهور سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، ??حتياط ڪيو، ٻيو ڪو به چارو نه آهي.