اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ڪاب??نا ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪاب??نا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪاب??نا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چي?? ته ڪاب??نا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.