اسلام آباد – 02 ا??ريل (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته نيويارڪ ۾ روز ويلٽ جا مالڪاڻا حقن پي آءِ اي جي ذيلي ڪمپني وٽ آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران طاهره اورنگزيب ج?? سوال تي غلام سرور خ??ن ايوان کي ٻڌايو ته روز ويلٽ جا مالڪاڻا حق پي آءِ اي جي ذيلي ڪمپني وٽ آهن، ڪووڊ جي ڪري مين هيٽن جا 80 سيڪڙو هوٽل بند آهن، ان ۾ روز ويلٽ به شامل آهي، جئه پرڪاش جي سوال تي هن چيو ته ٽورنٽو لاءِ اڏامون 5 کان گ??ٽ ڪري 2 ڪيون ويون آهن، اهو ڪووڊ جي ڪري آهي، پي آءِ اي 2 فلائيٽس ڏئي رهي آهي، جيئن ئي لوڊ ۾ اضافو ٿيندو اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو.