اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز ۽ چوڌري فواد حسين سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي لاوارثن حڪومت جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آ??ي، الطاف حسين ۽ نواز شريف جي سياست هڪ جهڙي آ??ي، الطاف حسين بڻجڻندڙن کي ان جي انجام جي به خبر هجڻ گهرجي، قومي احتساب بيورو (نيب) خودمختيار ادارو آهي پر اسان ۽ پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته نيب جيڪو به ڪيس شروع ڪري ٿي ان کي منطقي انجام تائين پهچائي، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آ??ي، مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪري، مخالف ڌر جو لانگ مارچ به ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 21 جي خلاف ورزي آ??ي، مخالف ڌر لانگ مارچ بدران اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندي چونڊ سڌارن ۽ قانونسازي ۾ اسان جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر سان ڪرپشن کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا وبا جي شدت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آ??ي، 3 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، وبا جي گذريل لهر ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تمام گهڻي ڪامياب ر??ي، وبا جي لاءِ احتياطي تدبيرون ڪرڻ تمام ضروري ٿي ويون. هن چيو ته ويڪسين جو پهريون مرحلو جاري آ??ي، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين ملي رهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت اهڙي فيز ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن ۾ استحڪام آيو آ??ي، ڪاروبار مثبت رفتار سان مٿي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، حياتي کان وڌيڪ پياري ڪا شيءَ نه آهي. هن چيو ته سياسي لاوارث ماڻهن هڪ مهم شروع ڪئي آ??ي، وزيراعظم تي اعتماد جي ووٽ سان انهن کي مايوسي ٿي ??ڏه?? ته سينيٽ اليڪشن ۾ به انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، مخالف ڌر پنهنجي سياسي موت ڏسي رهي آهي. شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ڳٺ آهي جنهن جو پاڻ ۾ ڪو جوڙ نه ٿو بڻجي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ تي انهن ۾ اختلاف سامهون آيا، سينيٽ جي اليڪشن ?? اهو ئي ثابت ٿيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان جي پٺيءَ ۾ ڇڙو گهونپيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪمت عملي تحت روزگار ۽ انساني جانين ٻنهي کي بچايو، اسان جي ڪاميابين کي دن??ا ساراهيو آهي. اهڙي قسم جي بحرانن ۾ قيادت جي خبر پوندي آ??ي، عالمي وبا ڪوويڊ 19 ۾ وڏيون وڏيون معيشتون تباهه ٿيون آهن پر اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ويڪسينيشن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ٻارن جي تعليمي سال تي خراب اثر پيو آ??ي، اسان جي حڪمت عملي هئي ته زندگين ۽ روزگار وانگر تعليم به متاثر نه ٿئي، ان ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ٿي آ??ي، اسان جو تعليم وارو وزير ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آن لائين تعل??م کي ملڪي سطح تائين ڦهلايو وڃي، تعليم واري وزارت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.