اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ ??و حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده ح??م نامو جاري ڪيو ويو آهي. ح??م نامي موجب بلوچستان صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صوبي جو دورو ڪرڻ ??و حڪم ڏنو ويو آهي. ح??م نامي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صوبي ??ڃن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن، اداري بابت معاملا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.