مظفر آ??اد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن ??ور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي ا??تظ??م هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن ??ور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، مظفر آ??اد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.