اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ و??يڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ ال??ڪش?? ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، سينيٽ ال??ڪش?? جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ا??ڪش?? ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي ال??ڪش?? ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ ال??ڪش?? ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي ال??ڪش?? ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ ال??ڪش?? ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.