اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪي?? ۽ ??چ سانح?? جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانح?? جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگ??هه ڪي?? ۽ ??نهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هز??ره برادر?? جي مسئلن کان چڱي ريت آگ??هه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.