GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي: ڊاڪٽر شمشاد اختر

image

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت ۽ شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اسان انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو آهي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفين لاءِ قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي جي 38 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي، ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته اسان مشڪلاتن مان نڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداواري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اسان جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سان مجموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. خدمتن جو شعبو متحرڪ آهي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان ڳنڍيل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آهي، ان سان بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان مختلف منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان عالمي بئنڪ سان مختلف منصوبن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ترقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي، اسان سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. ناڻي واري نگران وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ به سڄي ملڪ ۾ قدم جاري آهن ان سان رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته حڪومت بئنڪنگ ذريعي سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ لاءِ 80 ارب رپين مان 20 ارب رپيا اڄ جاري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ايف بي آر جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان وڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت لاءِ آمدني پيداوار ضروري آهي، ان لاءِ ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف آهن اهي مڪمل ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌاري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپنين لاءِ ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سان مٽاسٽا جي ناڻي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18هين ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي آهي سنڌ حڪومت سان وسيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اسان کي سيڙپڪاري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اسان جو بنيادي مقصد خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اسان جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اسان زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئل سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اسان کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت کي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان جو طريقيڪار اهو رهيو آهي ته اسان ان ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سان نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.

مضمون کا ماخذ : فائر جوکر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں