اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چئن سالن دوران پاڪستان جي عوام کي مهانگائي سخت متاثر ڪيو، وزيراعظم رمضان جي مهيني ۾ هڪ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، حڪومتي اتحادين جي اولين ترجيح عوام کي ريليف ڏيڻ آهي، اڳوڻي دور ۾ سياسي انتقام ۽ بدبودار احتساب ٿيو، جيڪي الزام هنيا ويا اهي سمورا ڪم عمران خان پاڻ ڪيا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي بيگناهه ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو، اي سي ايل قانون جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، گذريل پوري ڪابينا جو نالو اي سي ايل تي هجڻ گهرجي ڇو ته انهن جيڪي جيڪي الزام هنيا اهي سڀ ڪم انهن پاڻ ڪيا، اڳوڻي دور ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کي پروپئگنڊه جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو، بوٽ ٽوئيٽس ۽ سافٽ ويئر کي استعمال ڪندي پوري مهم هلائي ويندي هئي، عمران خان کي به خبر آهي ته سوشل ميڊيا تي هاڻي روبوٽس ئي ان جو ساٿ ڏيندا، حقيقي طور تي هو سوشل ميڊيا تي پنهنجي جڳهه نه ٿا ٺاهي سگهن، جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت وئي ته ڊيجيٽل ميڊيا ونگ مان 80 سيڪڙو ماڻهو مستعيفي ٿي ويا، جن ماڻهن جي ڀرتي قاعدن تحت ٿي، انهن کي اطلاعات واري وزارت جي سائبر ونگ ۾ ضم ڪيو ويندو، اسان ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ۽ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان جي عوام کي مهانگائي سخت متاثر ڪيو آهي. بطور قوم جهڙي طرح اسان چار سال گذاريا، سڀني جي ساهون آهن. حڪومتي اتحادين جي اولين ترجيح آهي ته عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا کي ايل اين جي ۽ پيٽروليم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ جي لاءِ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ڪري ڇڏي آهي، اهو ريليف پوري پنجاب جي لاءِ هوندو، کنڊ رمضان بازار ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي 70 رپيا في ڪلو هوندي، صوبائي چيف سيڪريٽريز جي ميٽنگ ۾ وزيراعظم اٽي ۽ کنڊ جي سپلاءِ ۾ تعطل نه اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته کنڊ جي پوري ملڪ ۾ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته صوبن سان گڏوگڏ وزيراعظم پاڻ به رمضان پئڪيج جي نگراني ڪري رهيو آهي، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي مانيٽرنگ پرائس مڪينزم جون ڪميٽيون ٺهي چڪيون آهن، هر ٻن ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم ڪميٽين کان بريفنگ وٺندو، جتي ان سبسڊي جا فائدا ميسر نه ايندا اتي فوري طور تي ڪارروائي ٿيندي ته جيئن پاڪستان جي عوام ان جو وڌ کان فائدو کڻي سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ان ڪميٽي جو سربراهه هوندو، سيد نويد قمر، اسعد محمود، سردار اياز صادق به ان ڪميٽي ۾ شامل آهن، ڪميٽي اي سي ايل ۾ قانون جو جائزو وٺي رپورٽ ڪابينا آڏو پيش ڪندي. هن چيو ته ان حوالي سان گذريل ڪميٽي 20 ڊسمبر 2020ع تي ٺاهي وئي هئي، ان ۾ شهزاد اڪبر کي شامل ڪيو ويو هو جيڪو پرائم منسٽر اڪائونٽيبليٽي سيل جو صلاحڪار هو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ سياسي انتقام ۽ بدبودار احتساب ٿيو، جيڪي الزام انهن هنيا اهي سمورا ڪم عمران خان پاڻ ڪيا، انهن جيڪي جيڪي الزام هنيا، ڪورٽ ۾ ثابت نه ٿيا. مريم اورنگزيب چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي بيگناهه ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ويو، پارليامينٽ ۽ ميڊيا جي خلاف مهم هلائي وئي، ملڪي ترقي ۾ حصو وجهندڙ ڪارپوريٽ سيڪٽر سان تعلق رکندڙ سيڙپڪار به نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ور چڙهي ويا. هن چيو ته اسٽاپ لسٽ ۽ واچ لسٽ عمران خان جي حڪم تي هلندي رهي. هن چيو ته پاور سيڪٽر جي هڪ سينيئر آفيسر وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته 27 پاور پلانٽس فيول نه هجڻ جي ڪري بند پيا آهن، وزيراعظم سوال ڪيو ته گذريل چار سال توهان ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جنهن تي ڄاڻايل آفيسر ٻڌايو ته نيب جي خوف جي ڪري اسان ڪو ڪم نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ ٿيندڙ نقصان پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهي آهي. هن چيو ته اي سي ايل جو قانون ڪٿي ڪٿي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، ان تي ڪميٽي بريفنگ ڏيندي، ڪميٽي ٽن ڏينهن جي اندر ڪابينا کي رپورٽ ڪندي، اي سي ايل ۾ گذريل پوري ڪابينا جو نالو هجڻ گهرجي ڇو ته انهن جيڪي جيڪي الزام هنيا اهي سڀ ڪم انهن پاڻ ڪيا. هن چيو ته اهي ماڻهو بريفگ ڪيس کڻي عدالتن مان وطن مان وڃڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي جڏهن ڪجهه نه مليو ته هن ذاتي حسد ۽ ضد جي ڪري شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا محمد طاهر کي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي مقرر ڪيو آهي. بعد ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي رکيو ويو، جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت وئي ته ڊيجيٽل ميڊيا ونگ مان 80 سيڪڙو ماڻهو مستعيفي ٿي ويا. هن چيو ته جن ماڻهن جي ڀرتي قاعدن تحت ٿي، انهن کي اطلاعات واري وزارت جي سائبر ونگ ۾ ضم ڪيو ويندو، اسان ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ڪنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ان ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جو مقصد رڳو پروپئگنڊه ڪرڻ هو، ان کي ادارن، صحافين، پارليامينٽرينز ۽ ميڊيا جي خلاف استعمال ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو پئسو ان تي خرچ نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته بوٽ ٽوئيٽس ۽ افٽ ويئر کي استعمال ڪندي پوري مهم هلائي ويندي هئي، اهي سمورا بوٽ ٽوئيٽس جا ٽوئيٽر هينڊلرز اسان وٽ اچي ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي به خبر آهي ته سوِشل ميڊيا تي هاڻي روبوٽس ئي ان جو ساٿ ڏيندا، حقيقي طور تي هو سوشل ميڊيا تي پنهنجي جڳهه نه ٿا ٺاهي سگهن. هن چيو ته وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ دير جي ڪري ان ڪميٽي جو اجلاس نه ٿي سگهيو هو، نيشنل سيڪيورٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جلد ٿيندو، پاڪستان جي عوام آڏو سڄي حقيقت اچي ويندي. هن چيو ته ميڊيا سان ان جو ذاتي تعلق آهي، ميڊيا کي سدائين پاڻ سان گڏ ڏٺو، ميڊيا جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته پوڻا چا سال صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ ميڊيا هائوسز سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪارو دور هو، اڳوڻي دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون لڳايون ويون، صحافين کي اغوا ڪيو ويو، انهن تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ميڊيا کي به اڳتي اچڻو پوندو، معاشري ۾ عدم برداشت جون جيڪي روايتون جنم وٺي رهيون آهن انهن کي ختم ٿيڻ گهرجي، اٺين ويج بورڊ ايوارڊ جي وقت ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪيو. ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ٻڌڻ جي لاءِ پي آءِ ڊي ۾ ٻه ڏينهن ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ميديا جا سمورا ماڻهو مون سان اتي ملي سگهن ٿا.